اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد کان دوشنبي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم جي وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع ??ار?? وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي شام?? آهن. دوشنبي پهچڻ کانپوءِ وزيراعظم تاجڪستان جي قومي هيرو اسماعيل ساماني جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهيندو. وزيراعظم قصرِ ملت جو دورو ڪندو جتي هو تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سا?? ملاقات ڪندو. وزيراعظم پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل حصيداري جي حوالي سان م??اهمتي يادداشتن تي صحيحن ??ار?? تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. ان تقريب جي پڄاڻي تي وزيراعظم ۽ تاجڪ صدر گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندا. تاجڪ صدر وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي مان ۾ قصر نورز ۾ آجياڻو پڻ ڏيندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي دوشنبي روانو
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ