لاهور-21 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي عالمي مسئلن، امن کي هٿي وٺرائڻ، ترقي ۽ م??سمياتي تبديلي جي حوالي سان معاملن کي اجاگر ڪيو ويندو، دنيا آڏو پاڪستان جو نقطه ن??ر پيش ڪن??س ۽ مختلف معاملن تي پاڪستان جي موقف ۽ م??ادن جي ترجماني ڪندس. وزيراعظم محمد شهباز شريف روانگي جي موقعي تي ايڪس تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس ۾ پاڪستان جي نمانئدگي لاءِ نيويارڪ روانو ٿي رهيو آهيان، نيويارڪ ۾ انتهائي مصروف وقت گذرندو. وزيراعظم چيو ته اجلاس جي موقعي تي عالمي اڳواڻن سان پنهنجي ملاقاتن ۾ عالمي مسئلن، امن کي هٿي وٺرائڻ، ترقي ۽ م??سمياتي تبديلي جي حوالي سان معاملن کي اجاگر ڪيو ويندو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي پليٽ فارم تان دنيا آڏو پاڪستان جو نقطه ن??ر پيش ڪن??س ۽ مختلف معاملن تي پاڪستان جي موقف ۽ م??ادن جي ترجماني ڪندس. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته عالمي حصيداري کي مضبوط ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن کان به دنيا کي آگاهه ڪيو ويندو.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي دنيا آڏو پاڪستان جو موقف پيش ڪندس: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل