نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح خالد الحامد الصباح سان پنهنجي ملاقات کي انتهائي لاڀائتو قرار ڏيندي چيو آهي ته ان ملاقات ۾ اسان جي گڏيل لاڳاپن جو ??جم??عو ڪاٿو خاص طور تي سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، اسان کي ڪويت سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح خالد الحامد الصباح سان انتهائي ڪارائتي ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن جي ??جم??عي ڪاٿي خاص طور تي سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي تعاون ۽ عوامي وفدن جي مٽاسٽا جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم چيو ته هن ڪويتي ولي عهد کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، اسان کي ڪويت سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي ۽ اسان ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ معاشي سيڙپڪاري جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون.
ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح خالد الحامد الصباح سان انتهائي لاڀائتي ملاقات رهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável