اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن واضح ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن جي معاملي ڪميشن مسلسل لچڪ جو مظاهرو ڪري رهي آهي ۽ پي ٽي آءِ کي ڪيترائي موقعا فراهم ڪيا ويا آهن ته هو پنهنجون آئيني گهرجون پوريون ڪري تنهن هوندي به ان سستي ۽ دير جي سموري ذميواري لاڳاپيل پارٽي تي ??اڳو ٿئي ٿي، اليڪشن ڪميشن ان معاملي کي قانوني طور تي حل ڪرڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪري رهي آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ تازي انٽرا پارٽي چو??ڊ 3 مارچ 2024ع تي ڪرائي، ان انٽرا پارٽي چونڊ ۾ به ڪيتريون ئي خاميون هيون جن??ن سبب اليڪشن ڪميشن ان کي 23 اپريل تي ??وٽيس موڪليو، ان ڪيس جي پهرين ٻڌڻي 30 اپريل 2024ع تي ??ي، ترجمان چيو ته اپريل کان وٺي آڪٽوبر 2024ع تائين ان ڪيس جون 6 ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن، پر انهن ٻڌڻين مان پنج ڀيرا ان پارٽي وڌيڪ وقت گهريو ۽ اڄ جي ٻڌڻي سميت هر ڀيري ٻِڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي. اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 208 ۽ 209 تحت سمورين سياسي پارٽين تي ??ازمي آهي ته هو پنهنجي پارٽي آئين موجب پنج سالن اندر انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائين. پي ٽي آءِ کي 13 جون 2021ع تي ??نهنجون انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻيون هيون پر ??قرر وقت تائين اهي چونڊون نه ڪرايون ويون، اليڪشن ڪميشن آخرڪار 27 جولاءِ 2021ع تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو، نوٽيس جي جواب ۾ پارٽي طرفان هڪ سال جي توسيع جي درخواست ڪئي وئي جن??ن ۾ ڪووڊ -19 جي صورتحال کي جواز بڻايو ويو. ترجمان چيو ته اليڪشن ڪميشن پارٽي کي 13 جون 2022ع تائين جي مهلت ڏيندي اها درخواست قبول ڪئي. هنن جون 2022ع ۾ فارم 65 تحت انٽرا پارٽي چونڊن جا دستاويز جمع ڪرايا جيڪي اڻ پورا هئا. ترجمان چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪيترائي ڀيرا يادگيري ڪرائي ۽ وڌيڪ دستاويز طلب ڪيا، پر ??ارٽي طرفان دير جو سلسلو جاري رهيو، اليڪشن ڪميشن طرفان ان معاملي تي باقاعدگي سان ٻڌڻيون ڪيون ويون.
اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن جي معاملي کي قانوني طور تي حل ڪرڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪري رهي آهي: ترجمان
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات