اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ شنگهائي تعاون ??نظيم سربراهه اجلاس جي ڪوريج ڪندڙ مقامي ۽ غيرملڪي ميڊيا جي لاءِ ميڊيا في??لي ??يشن سينٽر جو افتتاح ڪيو. افتتاح جي موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان، پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) مبشر حسن ۽ اطلاعات واري وزارت جا ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير ميڊيا في??لي ??يشن سينٽر ۾ انتظامن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ مختلف سيڪشنز جو دورو ڪيو. 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون ??نظيم سربراهه اجلاس جي موقعي تي مقامي ۽ غيرملڪي ميڊيا جا نمائندا ميڊيا في??لي ??يشن سينٽر مان فائدو کڻي سگهندا. پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ قائم ميڊيا في??لي ??يشن سينٽر ۾ ڪمپيوٽر ليب، هاءِ اسپيڊ انٽرنيٽ، ڊيجيٽل پرنٽر، ڊيجيٽل ا??ٽوڊيو، پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيو، ميڊيا لائبريري، ڪانفرنس روم سميت جديد سهولتون فراهم ڪيون ويون ??هن. ميڊيا في??لي ??يشن سينٽر ۾ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) پاران ڀرپور انتظام ڪيا ويا آهن. ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز پاران ميڊيا في??لي ??يشن سينٽر ۾ ڊيجيٽل لائبريري پڻ قائم ڪئ?? وئي آهي. ميڊيا في??لي ??يشن سينٽر ۾ مقامي ۽ غيرملڪي صحافين جي سهولت لاءِ انفارميشن ڊيسڪ پڻ قائم ڪئ?? وئي آهي. ايس سي او ڪانفرنس دوران ميڊيا في??لي ??يشن سينٽر ۾ ايس سي اوڪانفرنس جي ڪوريج ڪندڙ صحافين جي لاءِ 24 ڪلاڪ سهولت دستياب هوندي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير بهترين انتظامن تي اطلاعات واري وزارت جي پوري ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ايس سي او اجلاس جي ڪوريج ڪندڙ مقامي ۽ غيرملڪي ميڊيا جي لاءِ ميڊيا فيسلي ٽيشن سينٽر جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ