اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ٻاهرئين ملڪ مقرر ٿيندڙ آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري آڻڻ جي حوالي سان پڻ موقعا ڳولين، پاڪستان جي مفادن کي سدائين مٿانهون رکن، ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جو تشخص اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪن، پاڪستان مان هنرمند افرادي قوت جي لاءِ روزگار جا موقعا ڳولڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪن ڇو ته سمنڊ پا?? پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن جن جي ڪري اربين ڊالرز جو قيمتي پرڏيهي ناڻو پاڪستان پهچي ٿو. وز??راعظم آفيس جي پريس ونگ پا??ان جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف سان ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز ۾ نئين مقرر ٿيندڙ ڪميونٽي ۽ ليبر ويلفيئر اتاشين ملاقات ڪئي. وز??راعظم چيو ته مون کي اطمينان آهي ته توهان ماڻهن جي مقرري هڪ انتهائي شفاف عمل جي ذريعي ٿي آهي، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڀلائي توهان جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي، سمنڊ پا?? پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن جن جي ڪري اربين ڊالرز جو قيمتي پرڏيهي ناڻو پاڪستان پهچي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي مفادن کي سدائين مٿانهون رکو، ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جو تشخص اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪريو، پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري آڻڻ جي حوالي سان پڻ موقعا ڳوليو. آفيسرن وز??راعظم کي پنهنجي لاڳاپيل اسٽيشنز جي حوالي سان پنهنجي ??ڪمت عملي کان آگاهه ڪيو. وز??راعظم آفيسرن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ وز??راعظم جو خاص معاون طارق فاطمي، وز??راعظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.
ٻاهرئين ملڪ مقرر ٿيندڙ آفيسر پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري آڻڻ جي حوالي سان موقعا ڳولين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن