اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان ج??هوريه ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو ڪالهه ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن تي روشن وڌي وئي ۽ خ??ص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ بچاءَ جي شعبن ۾ وڌندڙ سهڪار تي خيالن ج?? ڏي وٺ ٿئي. سينيٽر محمد اورنگزيب، عرفان نذير اوگلو کي سندس سفارتي ذميدارين تي ڀليڪار چيو ۽ پاڪستان ۽ ترڪي جي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن واشنگٽن ??ي سي ۾ هاڻوڪي ورلڊ بئنڪ گروپ/آءِ ايم ايف جي سالياني ميٽنگ 2024ع دوران ترڪيه جي ناڻي واري وزير مهمت شمشيڪ سان ٿيل پنهنجي ملاقات جو به ذڪر ڪيو جنهن ۾ پاور سيڪٽر جي سڌارن ج?? حوالي سان ترڪيه جي تجربن مان فائدو کڻڻ جا امڪان بحث هيٺ آيا. وفاقي وزير ترڪيه جي ڪمپنين کي پاڪستان ج?? آءِ ٽي ۽ زراعت جي شعبن ۾ گڏيل منصوبن ج?? اڇ ڪئي جنهن سان بنهي ملڪن کي گڏيل فائدا حاصل ٿيندا. ترڪ سفير پاڪستان ج?? معاشي سڌارن کي ساراهيو ۽ ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.
ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری