اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ڌرڻن ۾ قانون پائمال ڪرڻ، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادار?? جي اهلڪارن کي شهيد ۽ زخمي ڪندڙن کي سخت سزائون ڏنيون و??ن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ 24 نومبر تي ٿيندڙ ڌرڻي ۾ فساد?? جي جا?? جي لاءِ جوڙيل ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار ??اڻا ثناءُ الله ۽ ٻي?? اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته انتشار ڦهلائيندڙن بيلاروس جي صدر جي پاڪستا?? جي دوري دوران ملڪ جي گادي واري شهر تي چڙهائي ڪئي جيڪا اسا?? جي لاءِ شديد شرمندگي جو سبب بڻي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ انتشار ڦهلائيندڙ?? جي خلاف قانوني ڪارروائي تي اڳڀرائي جو هفتيوار ??ائزو ورتو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ڌرڻن ۾ قانون پائمال ڪندڙن، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادار?? جي اهلڪارن کي زخمي ۽ شهيد ڪندڙن کي قانون موجب سخت سزائون ڏنيون و??ن. هن چيو ته پاڪستان ۾ موجوده دور جي گهرجن موجب عالمي معيار ??ي فساد?? جي خلاف فورس جوڙي ويندي، اسلام آباد سيف سٽي ۾ فارنزڪ ليب شامل ڪري ان کي عالمي معيار موجب بڻايو ويندو ۽ ا?? جي لاءِ ضروري وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته واردات جي مو??عي تان هٿيار، فائرنگ جي نتيجي ۾ ملندڙ ڪارتوس ۽ خول ۽ ٻيا ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن ۽ سمورا ثبوت فارنزڪ جي لاءِ موڪليا ويندا، واردات جي مو??عي تي موجود فسادي?? جي سڃاڻپ جو عمل به تيزي سان مڪمل ڪيو پيو وڃي، سڃاڻپ کانپوءِ سمورن فسادين کي عدالتن ۾ پيش ڪيو ويندو.
وزيراعظم پاران ڌرڻن ۾ قانون پائمال ڪرڻ، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي شهيد ۽ زخمي ڪندڙن کي سخت سزائون ڏيڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں