اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۽ انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن آءِ ??ي سي سي جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون، معاهدي موجب انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن نيشنل پريس ڪلب ج?? ميمبرن ۽ انهن جي ٻارن جي ميٽرڪ، انٽر ليول ۽ اُن جي برابر سرٽيفڪيٽن جي فوري تصديق جي لاءِ ??وڪ?? پرسن جي مقرري، ٻارن جي لاءِ ??اندين جي مقابلن ۾ شرڪت ۽ اسڪالرشپس ۾ صحافين جي ٻارن جي لاءِ ??رجيحي بنيادن تي موقعا فراهم ڪيا ويندا، معاهدي تي اين پي سي پاران صدر اظهر جتوئي جڏهن ته آءِ ??ي سي سي جي ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن محمد منيب جاويد صحيحون ڪيون، تقريب ج?? نظامت جا فرض سينيئر صحافي ۽ آر آءِ يو جي جي ايگزيڪيوٽو ميمبر توصيف عباسي سرانجام ڏنا، ??ن موقعي تي آءِ ??ي سي سي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي ملاح جو چوڻ هو ته 1972ع ۾ قائم ٿيندڙ هن اداري جو ايڪٽ گذريل سال منظور ڪرايو ويو آهي، چار سال اڳ جڏهن مون هن اداري کي جوائن ڪيو ته اداري کي ڪو به پڇڻ وارو نه هو، هاڻي اسان کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿئي ٿي ته آءِ ??ي سي سي سڄي ملڪ ۾ آن لائين ڊيسڪ قائم ڪري ڇڏيا آهن، اداري جو ون ونڊو آپريشن ڏينهن جي وقت کانسواءِ ??ام جي وقت ۾ خصوصي سروسز فراهم ڪيون وڃن ??يو??، اسان جي لاءِ ??ها خوش آئنده ڳالهه آهي ته نيشنل پريس ڪلب سان طئي ٿيندڙ معاهدي کانپوءِ ??تي هڪ طرف صحافين ۽ انهن جي ٻارن کي اها سهولت ملندي اتي ميڊيا آءِ ??ي سي سي جي پڻ پذيرائي ڪندي، ??ن موقعي تي نيشنل پريس ڪلب ج?? صدر اظهر جتوئي چيو ته نيشنل پريس ڪلب ج?? ايجوڪيشن ڪميٽي اين پي سي ميمبرن ۽ انهن جي ٻارن کي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ هر وقت ڪوششون ڪري رهي آهي، اين پي سي ايجوڪيشن ڪميٽي جي چيئرمين عاصم جيلاني ??ن موقعي تي آءِ ??ي سي سي سان طئي ٿيندڙ معاهدي جا مقصد ٻُڌائيندي چيو ته نيشنل پريس ڪلب پنهنجي ميمبرن جي سهولت لاءِ ??ڳئين مرحلي ۾ مختلف پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر يونيورسٽين س??ن معاهدن کي حتمي شڪل ڏئي رهيو آهي ۽ ان حوالي س??ن ميمبرن کي جلد خوشخبري ٻڌائي ويندي، آخر ۾ اين پي سي جي نائب صدر شاهه محمد ڏيٿو مهمانن جا ٿورا مڃيا.
نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۽ انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر